ستار پيرزادو

ستار پيرزادو

ستار پيرزادو

ستار پيرزادو: ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ مترجم ستار پيزادي جو پورو نالو عبدالستار ولد دوست علي پيرزادو آهي. سندس جنم 29 جنوري 1950ع تي ٻلهڙيجيءَ ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1962ع ۾ ڳوٺ اجي سڪول مان ورتي، مئٽرڪ 1968ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان ڪيائين ۽ بي. اي 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.
ستار پيرزادي، ملازمت جو آغاز 1968ع ۾ لئب اسسٽنٽ طور ڪيو. ستار صحافت جو آغاز روزاني ’عوامي آواز‘ کان ڪيو، ان جي
هفتيوار ادبي صفحي ’تخليق‘ جو اڍائي سالن تائين انچارج رهيو.
ستار پيرزادو، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ جي پليٽفارم تان هن وقت تائين 40 کن ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.
سندس طبعزاد ڪتابن ۾: (1) ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (2) ’سورن سانباهو‘ (شاعري : 2010ع) شامل آهن، جڏهن ته ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ’پيغامبر‘ (ترجمو: 1985ع)، ’مون کي محبت آهي‘
(1996ع)، ’تيرهون سج‘ (1999ع)، ’سرمد شهيد‘ (2002ع)، ’آواره‘ (شيخ اياز جي ڪهاڻين جو اردو ترجمو: 2009ع)، ’شاهه جي شرح‘ (يار محمد فقير: 1998ع) شامل آهن.
ستار پيرزادو، هن وقت ’پيرزادا اينڊ ڪمپني‘ ڪراچيءَ ۾ پراڊڪٽ اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.29  عيسوي

ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ مترجم ستار پيزادي جو پورو نالو عبدالستار ولد دوست علي پيرزادو آهي. سندس جنم 29 جنوري 1950ع تي ٻلهڙيجيءَ ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شريڪانت صدف
اٽل مل بينام
دلاور علي فقير ’دلاور‘
عبدالحڪيم ارشد
زرڪ خان لاشاري
شبنم گل
راض محمد خان عاشق
صوفي شرف الدين شرف
پلي نمرو
خطائي ٿيٻو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون